چنھڙ دڙو

چنھڙ دڙو: تعلقي وارهه جي شهر نصير آباد ٻاھران وڳڻ- نصيرآباد روڊ تي هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هڪ دڙو آھي، جنهن کي چنهڙ دڙو سڏيو وڃي ٿو. ھتان مٿاڇري تان ملندڙ وٿون اسلامي دور جون آھن، جن ۾ ٺڪراٺو، ڀڳل ٿانو، رانديڪا، چوڙين جا ٽڪر ۽ ٽامي جا ڪٽيل سڪا اچي وڃن ٿا. ھيٺ کوٽائي ٿيل نه آهي. مقامي ڳوٺ وارن ھتي قبرستان ٺاھي ڇڏيو آھي ۽ اهي قبرون گھڻو ڪري پٿرن جي ڍير وانگر آھن.
چَنيجا: هڪ ذات جو نالو. تعلقي موري ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ به چنيجا نالي سان آهي. سنڌو درياهه جو هڪ پتڻ به چنيجن جي نالي سان هو. اُن شهر بابت هڪ پهاڪو مشهور آهي ته ”چَٽِي چنيجن جي، وڃي پُرڻ تي پيئي.“ چنيجا ۽ پُرڻ، تعلقي موري جا ڳوٺ آهن، جيڪي هڪٻئي جي ويجهو آهن. ڪنهن زماني ۾ چور چنيجن ۾ ڦُر ڪرڻ آيا، پر ڀُلجي وڃي پُرڻ ڳوٺ پهتا ۽ اُتي ڦُر ڪر موٽيا. اُن تان هي پهاڪو ٺهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو